ڊيٿ وارنٽ – Death Warrant

Posted on November 24, 2014

ڊاڪٽر آغا انعام الله
23 نومبر 2014ع

پاڪستان آمريڪا مان اصولي طور جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، پر اڳلا به وائڙا ناهن جن وٽ هر قسم جي حالات کي منهن ڏيڻ لاءِ اي کان وٺي زيڊ تائين پلان تيار ٿيل آهن. راحيل شريف جو تازو آمريڪا جو دورو آمريڪا لاءِ پاڪستان پاران انهيءَ ڌمڪي جو تسلسل آهي ته بس هاڻ گهڻو ٿيو.

ساڳئي وقت ڪي ايس بي بئنڪ جو ڪريش ٿيڻ ۽ جنهن بعد ڏه کن ٻيون بئنڪون قطار ۾ لڳل آهن جن جو دوڪان بند ٿيڻ وارو آهي. ٽيون ڏينهن سٽي بئنڪ گلوبل برانچ جي ايم ڊي شان ڊي ملر جو نيو يارڪ ۾ سنڌس گهر ۾ باٿ ٽب ۾ مرده ملڻ، انهن ڳالهن طرف اشارا پيون ڪن ته پاڪستان دهشتگردن جي ڊونرجا چتڙيا پيرا کڻندي زري گهٽ اصل fپاٿاريدار تائين پهچي چڪو آهي، ۽ هو پير ڊاهڻ ۾ لڳل آهن.
ڪالهه جماعت اسلامي واري منور حسن جي بيان، سڀنن کي آخر اگهاڙو ڪري بيهاري ڇڏيو. پاڪستاني سينٽاڪلاس فرمايو ته، پاڪستاني فوج خلاف هاڻ جهاد فرض آهي. گهڻن جو ته خيال آهي ته ان بيان جي بنياد تي کيس غدار هئڻ جو لقب ڏئي سگهجي ٿو. ٻيا سوچين پيا ته ان بيان جي پس پرده ڪهڙا هٿ آهن. پر ساڻنس گڏ ميدان ۾ ايم ڪيو ايم جو لهي اچڻ، عمران جا جماعت اسلامي جي حمايت ۾ اڳوڻا بيان، تحريڪ طالبان کي پشاور ۾ آفيس کولڻ جي دعوت ڏيڻ، لڪي قادري سرڪس واري جو عمران جي سياسي سوٽ هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۽ وري نئون منصوبو کڻي پاڪستان موٽڻ، تحريڪ طالبان، بلوچ لبريشن آرمي ، سنڌي قوم پرستي وغيره سڀ هڪ پيج تي آهن. روس جي ڊفينس منسٽر جو پاڪستان پهچڻ ۽ ٽي احم محاده ڪرڻ، پاڪستان جا ٽي ميزايئل ٽيسٽ فائرڪرڻ، راحيل شريف جي آمريڪا کي ڌمڪي ڏيڻ، حامد ڪرزئي جو مودي سان ملڻ ته وارو ڪر، دبئي ۽ قطر وارن پاران پاڪستان ۾ تڪڙيون نيون مسجدون ۽ مدرسا اڏائڻ، داعش جي حق ۾ وال چاڪنگ، پاڪستان ۾ اينٽي پاڪستان فورسز جو هڪڙي پليٽ فارم تي جمع ٿيڻ ان ڳالهه جي نشانديهي پيون ڪن ته اهو وقت اچي پهتو جنهن لاءِ گلوبل رسرچ ڊاٽ ڪام ۾ انڪشاف ڪيل هو ته پاڪستان 2015ع ۾ يوگوسليويا جيان ٽٽي ويندو. ان ڪم تي مامور جيڪي به مُهرا هئا اهي سڀ هڪ هنڌ، پر جن کي زرداري ۽ نواز شريف جي شرمناڪ ڪرپشن کان بيزاري لاحق هئي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو مستقبل عمران جي نئين پاڪستان ۾ ڳولهي رهيا هئا، تن کي ڪلهه شديد ڌڪ رسيو هوندو جڏهن جماعت اسلامي جيڪا مرد مومن مرد ناحق ضياءُ الحق جي اصل سويلين فورس هئي سا به کُلي اچي ميدان ڪيو ۽ نه کپي پاڪستان جو نعرو هڻي بيهي رهي. جڏهن پاڪستان فوج خلاف جهاد جو اعلان ڪيائين معنيٰ ٻين لفظن ۾ پاڪستان ٽوڙڻ جو نعرو هڻي چڪيا. ان سڄي معامري کان پوءِ وري به پي پي پي جو ورڪر نروار بيٺو آهي ته ملڪ سان سچو ڪير آ!!!
هونءَ جي ڏٺو وڃين ته آيو ته ڀٽو به آمريڪي ڪلهن تي سولين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور، پر پوءِ جنهن اينٽي آمريڪن ڊوڪٽرين تي ڪم ڪيائين، ڦاهي چڙهي ويو. پر عمران جنهن جي ڳجهي مالي امداد قادياني لابي جي زمعي آهي جنهن کي صاحب بهادر پنهنجي حڪومت اچڻ شرط منسٽري آف فنائنس جي آڇ ڪئي آهي ته جلسن جلوسن جو سڄو خرچ ڀلي وياج سوڌو واپس کڻن، سو منور حسن واري تڪڙ، عمران جي بقيا سياست جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. منهنجي خيال ۾ هينئر اهو ڪوس ٿيندو جيڪو پاڪاستان اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هوندو. داعش لاءِ ته هونءَ ئي چون پيا ته پاڪستان پهچي چڪي آهي، جي ايئن آهي ته هاڻ ڪارن جهنڊن هيٺ منهن ڪارا ڪبا. گهيلي گهيلي ماربو. عمران کي ڀٽي وانگر اڃان چانس آهي پر شرط اهو آهي ته ڊيٿ وارنٽ تي سائن ڪري ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪري.

23 نومبر 2014ع

پاڪستان آمريڪا مان اصولي طور جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، پر اڳلا به وائڙا ناهن جن وٽ هر قسم جي حالات کي منهن ڏيڻ لاءِ اي کان وٺي زيڊ تائين پلان تيار ٿيل آهن. راحيل شريف جو تازو آمريڪا جو دورو آمريڪا لاءِ پاڪستان پاران انهيءَ ڌمڪي جو تسلسل آهي ته بس هاڻ گهڻو ٿيو.

ساڳئي وقت ڪي ايس بي بئنڪ جو ڪريش ٿيڻ ۽ جنهن بعد ڏه کن ٻيون بئنڪون قطار ۾ لڳل آهن جن جو دوڪان بند ٿيڻ وارو آهي. ٽيون ڏينهن سٽي بئنڪ گلوبل برانچ جي ايم ڊي شان ڊي ملر جو نيو يارڪ ۾ سنڌس گهر ۾ باٿ ٽب ۾ مرده ملڻ، انهن ڳالهن طرف اشارا پيون ڪن ته پاڪستان دهشتگردن جي ڊونرجا چتڙيا پيرا کڻندي زري گهٽ اصل پاٿاريدار تائين پهچي چڪو آهي، ۽ هو پير ڊاهڻ ۾ لڳل آهن.