Chalo Press Conference Karain (Sindhi Article)

Posted on December 23, 2013



ولڻ ويچارو هيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ وڏيري جو سيرڙيو هاري پر جڏهن هن وڏيري کان حساب ڪتاب گھريو تڏهن وڏيري حساب ڪتاب ڏيڻ بدران کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻن ڏينهن تائين ٿاڻي جي هوا ڇا کاڌائين پئسن تان به هٿ کڻي ويو، پر جڏهن آزاد ٿي ڳوٺ پهتو تڏهن اچي سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهو مليا پو ته جيترا ماڻهو هئا اوتريون ڳالهيون ٿيون، نيٺ حتمي فيصلو اهيو ٿيو ته هاڻ آواز ايوانن تائين پُهچائجي، آخرڪار سڀني صلاح ڪئي ته ولڻ ويچاري کان پريس ڪانفرنس ڪرائجي، همدردن سان گڏجي اچي ولڻ به پريس ڪلب پهتو، صحافين جون ڪئميرائون ڏسي گھڙي لاءِ ولڻ ويچارن ۾ وڪوڙجي سوچيو ته هاڻ هتان ڀڄي وڃجي پر نيٺ وڏين آٿتن کانپوءِ روئڻ واري انداز ۾ پنهنجي درد ڪٿا ٻُڌائي.
هن ڀيري به ڪُجھ ائين ئي ٿيو آهي وڏي صبر ۽ تحمل کانپوءِ جڏهن ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي تڏهن هن به روئي ڏنو آهي، ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس ۾ آخرڪار هن ظاهر ڪري ڇڏيو ته ٻيلي هاڻ لنڊن پوليس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آ، هن کي ته اهو به خدشو آهي ته سندس پاسپورٽ به رد ڪيو ويندو، اسان جي ڳوٺ واري ولڻ ويچاري سان ته ڪُجھ ڌريون گڏ هيون جيڪي پريس ڪانفرنس کانپوءِ کيس پريس ڪلب ٻاهريان بي واهو ڪري ڇڏي ويون هيون پر هن سان ته عالمي طاقتون گڏ آهن، هن وٽ جتي عوامي فلاحي ڪمن
حبيب لغاري
جي آڙ ۾ قائم ڪيل فائونڊيشن آهي اتي هو هٿياربند ونگون به سنڀالي ٿو، تڏهن ئي ته هو هر ڀيري ڪا نئين ڌمڪي ڏيندو رهي ٿو پر ڪالهه هن به ائين ٿي ڳالهايو جيئن ولڻ ويچاري ٿي رڙيون ڪيون..!!
ولڻ سان گھرڀاتي گڏ هيا هنن هر محاذ تي سندس ساٿ ڏنو پر هُن کي سندس ”جو غدار هي گولي ڪا حقدار هي“ واري نظريي اڪيلو بڻائي ڇڏيو آهي، هن جي ڪراچي واري مرڪز ۾ ٿيل ڪارڪنن جي ڏڦيڙ کانپوءِ اندروني طور وڏي سردجنگ شروع ٿي آهي، سندس ڪُجھ ساٿي به منهن موڙي ويا آهن، تڏهن هو هڪ پاسي تنهائي جو شڪار آهي پر ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي هلندڙ جاچ به سندس متيون مُنجھائي ڇڏيون آهن، مني لانڊرنگ وارو معاملو به هن جي سامهون آهي پر تڏهن به هو چوي ٿوته منهنجو ڏوهه اهو آهي جو مون پئسا ڪونه ورتا، ته پوءِ ايڏا پئسا هن وٽ ڪيئن آيا، ولڻ ويچاري کي ته پئسا گھرڻ تي ٿاڻي جو منهن ڏسڻو پيو هو پر هي يار ته پئسا هُجڻ باوجود اڃان تائين آزاد انهي ڪري به آهي جو هي هڪ اهڙي تنظيم سان واسطو رکي ٿو جنهن وٽ مورڙي ميربحر جو شهريرغمال آهي…!
وڏيري ولڻ ويچاري کي ٻڌرايو به انهي ڪري هو جو ان سان ولڻ مان ته سندس جان ڇٽي پر هو حساب ڪتاب ڏيڻ کان به آجو ٿي ويو پر هتي ته اڃان به قصو مختلف آهي، ويجھڙائي ۾ آيل رپوٽون اهو به ظاهر ڪن ٿيون ته هن ۾ اڃان به برطانوي سرڪار جا مطلب آهن، جيستائين اهي پورا نه ٿيندا تيستائين هن کي ڪُجهه نه ٿيندو، هن جي وطن واپسي به ان ڪري ممڪن ناهي جو کيس پاڪستان ۾ جان جو خطرو آهي، باقي هو پنهنجي مُلڪ مٿان جان قربان ڪرڻ لاءِ هروقت تيار رهي ٿو، ولڻ ويچاري ته ڊڄي ڊڄي اچي ڳوٺ پهتو هو پر هو ان وانگي مُلڪ نٿو اچڻ چاهي ڇوته بقول هن جي ته ڪارڪن نٿا چاهن ته سندن هڏ ڏوکي ملڪ ۾ اچي، باقي هن لاءِ هر مهيني پئسا ضرور پاڪستان مان وڃن ٿا، ولڻ ويچارو جڏهن پوليس جا پادر کائي ڳوٺ پهتو هو تڏهن ان لاءِ سڄي ڳوٺ چندو ڪيو هو تڏهن به هن وٽ ايترا پئسه نه ٿيا هُئا جو هو پنهنجو علاج ڪرائي سگھي ها، پر هن وٽ ته ايترا پئسه موجود هئا جو پوليس مني لانڊرنگ ڪيس داخل ڪري جا شروع ڪري ڇڏي آهي
ٻنهي ۾ هڪجھڙائي صرف اها آهي ته ولڻ ويچاري کي ڪُجھ عزيزن ۽ انساني حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ماڻهن اچي ورايو هو ته پريس ڪانفرن ڪر پر هن يار کي سندس ئي ساٿين صلاح ڏني ته هاڻ درد عوام آڏو رکي همدردي حاصل ڪر، ٻنهي ۾ هڪجھڙائي اها به هئي ته ٻنهي جو لهجو روئڻهارڪو هو، ولڻ ويچاري جي پريس ڪانفرنس تي انتظاميه بدران وڏيرو حرڪت ۾ ايو هو ۽ ولڻ کي رات جي پيٽ ۾ لڏي وڃڻ جو چيو هئائين ان کانپوءِ ولڻ ويچارو ڳوٺ کي الوداع ڪري اجھي جي تلاش ۾ نڪري ويو هو، پر هاڻ ڏسون ته هن جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڪير ٿو حرڪت ۾ اچي ڇوته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪوس، ڀتي خوري، مني لانڊرنگ ڪيس ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل سميت ڪيترائي اهم معاملا جاچ جا منتظر آهن