سکر بئراج جو متبادل..!!

Posted on December 22, 2013



حبيب لغاري

تاريخ جا پيرا کڻي جنهن وقت ماضي تي ويچارجي ٿو ته انيڪ يادگيريون ذهن جي صحن تي تري اچن ٿيون، اهي ڳالهيون به ياد پون ٿيون جيڪي وڏڙا بادشاهن جا قصا ٻڌائيندي ڪندا هئا، پراڻي زماني ۾ اڃان جڏهن پلون به تعمير نه ٿيون هيون جڏهن هاڪڙي جي هاڪ هوندي هئي ۽ سرسوتي ندي به سنڌ مان گذر ڪندي هئي هي ته ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن دريائن کي نه ڪنهن بند جهليو ٿي ۽ نه وري ڪي ڪنارا هئا ورڻ وڪڙن سان ايندڙ دريائي وهڪرا پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندا هئا پراڻ ندي سميت ڪيترائي وهڪرا وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، دريائن جي ڪناري تي آباد شهر دريائن جو رخ مٽائڻ کانپوءِ ڀڙڀانگ ٿي ويندا هئا تڏهن وڻج واپار جو وڏو ذريعو اهي درياهه هوندا هئا سمنڊ مان ٿيندا سامونڊي ٻيڙا دريائن ۾ پهچندا هئا جتان مختلف شهرن جو رخ رکندا هئا موئن جو دڙو به آباد هئو ته وري المنصورا جو به پنهنجو هڪ دور رهيو، پر هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، هاڪڙي جي هاڪ به موڪلائي وئي ته مٿان دريائن کي بند ڏئي قيد ڪيو ويو پراڻ ندي تي به قبضا ٿي ويا سرسوتي ندي به الائي ڪٿان وڃائجي وئي سنڌو درياهه کي به بندن ۾ تبديل ڪيو ويو، پلون ٺهيون انساني ترقي پاڻي کي به قيد ڪري ڇڏيو ترقي جي نالي تي جتي ٻيون سهولتون اچي ويون اتي وري پاڻي جي قيد ٿيڻ کانپوءِ نه ساڳي دريائن ۾ دهشت رهي نه وري اهو پاڻي بچيو جيڪو دريائن جي بندن کي به لوڙهي ڇڏيندو هو.
جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ ۾ بئراجن جي حوالي سان سکر بئراج جو اهم ڪردار رهيو آهي اهو بئراج جنهن لاءِ هاڻ چيو پيو وڃي ته سندس عمر ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ ان جي جاءِ تي نئون بئراج تعمير ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي حوالي سان جيڪي به ترقياتي ڪم خاص ڪري پلن جي حوالي سان ٿيا ته اهي فقط انگريزن جي دور ۾ ٿيا، ان کانپوءِ اسان کي ڪي به اهڙا ترقياتي ڪم ٿيل نٿا ملن جن جي بنياد تي اها هام هڻي سگهجي ته پاڪستان جي آزادي کانپوءِ ڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن سڄي سنڌ ۾ ريلوي وارو نظام به انگريز سرڪار طرفان ڏنل آهي، انگريزن جي غلامي مان جان ڇٽڻ کانپوءِ پاڻ ماڻهو ايترا پاڻڀرا اڃان تائين نه ٿي سگهيا آهيون جو ترقياتي رٿائون ڪرائي سگهون ها، ڪوٽڙي بئراج کان ويندي سکر بئراج تائين اهي سڀ انگريز سرڪار جي دور ۾ تعمير ڪيل پلون آهن هاڻ جڏهن سکر بئراج کي به ڪيترائي خطرا درپيش آهن انهي وقت مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به وفاقي سرڪار ڏي لکي ڇڏيو آهي ته پل کي نئين سر تعمير ڪرايو وڃي، انهي معاملي تي به ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن سڀ کان پهريان سوال جنم ته اهو به وٺي ٿو جو پ پ پنهنجي دور ۾ آخر ڇا جي لاءِ سکر بئراج کي نظرانداز ڪيو ڪجهه ڌرين جو ته اهو به چوڻ آهي جو پ پ سدائين سنڌ ڪارڊ کي استعمال ڪيو آهي هن ڀيري به پ پ سکر بئراج واري معاملي تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان معاملي کي اٿاري هو عوام ۾ همدردي وارو تاثر پيدا ڪرڻ چاهي ٿي سکر بئراج بابت مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه پڻ وفاقي حڪومت ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي خورشيد شاهه پنهنجي لکيل خط ۾ اهو موقف رکيو آهي ته سکر بئراج جي حالت انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي 1984ع ۽ 2004ع وارو آيل ٻوڏ جي جهٽڪن کانپوءِ بئراج جو ڍانچو لڏي ويو آهي جيڪڏهن نئون لوڏو آيو ته بئراج رانديڪي جيان ڀڄي پوندو جنهن سان سڄي سنڌ تباهه ٿي ويندي جڏهن ته هن پنهنجي لکيل خط ۾ اهو موقف به رکيو آهي ته جيڪڏهن نئون بئراج تعمير نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جي زرعي زمينن کي نقصان پهچندو.
ان معاملي تي آبپاشي ماهر به موقف جي حوالي سان حصن ۾ ورهايل آهن، جڏهن ته 8 ماهر انجنيئرن نئين سکر بئراج جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي انهن جو موقف اهو به آهي ته لنڊن بئراج 300 سالن کان فنڪشنل آهي جڏهن ته سکر بئراج اڃان به سئو سال ڪم ڪري سگهي ٿو، هنن پنهنجي موقف ۾ اهو به چيو آهي ته انگريز راڄ جي انجنيئرن 10 سالن جي تجربي کانپوءِ سکر بئراج واري هنڌ جي چونڊ ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ان بئراج کي تعمير ڪيو ويو جڏهن ته برطانوي ماهرن سکر بئراج جي بحالي تي 30 ارب روپين جو خرچ ڏيکاريو آهي، ٻئي پاسي ادريس راجپوت جي سربراهي ۾ جوڙيل جائزو ڪاميٽي نئين بئراج جي رٿ ڏني آهي انهن جو خيال آهي ته نئون بئراج تعمير ڪيو وڃي، ان بابت پاڻي جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته بئراج مان صرف 9 لک ڪيوسڪ پاڻي گذاري سگهجي ٿو مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ اهو به هو ته بئراج تعمير ڪرائڻ لاءِ 15 کان 20 سال لڳي سگهن ٿا پر پاڻي جي ماهر نور محمد جو اهو موقف به سامهون آيو آهي ته جيڪڏهن پئسا هجن ته نئون بئراج 4 سالن ۾ ٺهي سگهي ٿو ۽ ان تي صرف هڪ سئو ارب روپيا خرچ ايندو جنهن لاءِ ٻاهرين ملڪن مان لوهي شيخون گهرائڻيون پونديون باقي ٻيو سامان پاڪستان مان به ملي سگهي ٿو.
سکر بئراج وارو معاملو اهم آهي ڇو ته جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال دوران سکر بئراج کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته پوءِ ڄامشوري واري پل تي به ان جا اثر پوندا، ڇو ته ڄامشوري واري پل سکر مان تيز رفتار ۾ آيل پاڻي کي روڪڻ جي سگهه ساري نه سگهندي ۽ ممڪن آهي ته ڄامشوري واري پل به پاڻي جي دٻاءُ سبب ٽٽي پوي جيڪڏهن هينئر سان ئي ڪي قدم نه کنيا ويندا ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ سنڌ کي وڏو نقصان ڀوڳڻو پوندو، حڪومت کي ان سنگين معاملي تي آبپاشي ماهرن کان انجنيئرن تائين سڀني سان ويهي صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي باقي جيڪڏهن هن ڀيري به پ پ ان معاملي تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته يقينن اها صورتحال سنڌ لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار ثابت ٿيندي ڇو ته سکر بئراج سنڌ لاءِ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو جتان ڪيترائي واهه نڪرن ٿا جيڪي سڄي سنڌ کي سرسبز بڻائن ٿا بئراج جون آبپاشي ماهرن ۽ انجنيئرن کي نئين سر جائزو وٺڻ گهرجي جيڪڏهن مرمت جي ضرورت هجي ته ان جي مرمت به ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ جيڪڏهن نئين بئراج تعمير ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته اهو به تعمير ڪرايو وڃي پر اهو سڀ ڪجهه بلڪل سچائي سان ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جيڪڏهن اهو سمورو عمل سچائي سان نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ ان جو ازالو ڪڏهن به ٿي نه سگهندو.