!!هاڻ ته پبلڪ سروس ڪميشن تي به اعتبار نه رهيو

Posted on August 10, 2013



هاڻ ته پبلڪ سروس ڪميشن تي به اعتبار نه رهيو!!
امبرين ابڙو

جنهن ملڪ جي چيف جسٽس کي چوڻو پوي ته اگر قانون جي حڪمراني هجي ته سڀ جيل هليا وڃن. اتان جي جمهوريت، آئين، قانون ۽ انصاف جي حالت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪرپشن پاڪستان ۾ جرم جي بدترين شڪل آهي، ڇوته درحقيقت اهائي هر ڏوهه جي ماءُ آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ اڪثر اهو جملو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ”هي پيارو پاڪستان آهي، تنهنڪري هتي سڀ ڪجهه جائز آهي.“
اسانجي معاشري ۾ اخلاقي ۽ قانوني پستيءَ جي اصل وجهه اها ڪرپشن آهي جيڪا سرڪاري دفترن ، حڪومتي ايوانن، ڪاروباري ادارن ۽ مقتدر طبقن پاران روا رکي پئي وڃي. جڏهن توقير صادق جهڙا ڪردار سامهون ٿا اچن يا ”ريڪوڊڪ“ ۽ ”رينٽل پاور“ جهڙا منصوبا منسوخ ٿا ٿين ته عوام کي احساس ٿو ٿئي ته هو ڪهڙي ڪرپٽ نظام جي تحت زندگي گذاري رهيا آهن.
ڪرپٽ فرد ملڪي آباديءَ جو شايد 5 سيڪڙو به ڪونهن، پر جيئن ته انهن جي ڪرپشن جو دائرو پوري ملڪ ۾ ڦهليل آهي تنهنڪري 95 سيڪڙو آباديءَ کي پنهنجي آڱرين جي اشارن تي نچائيندا ٿا رهن. اهو لقاءُ ڏسي لڳي ٿو ته پوري قوم ڪرپٽ ٿي چڪي آهي ۽ سمورا ادارا اخلاقي زوال جي آخري حدن کي ڇهي رهيا آهن.
”پبلڪ سروس ڪميشن“ هڪ آئيني ادارو آهي. هي ادارو معاشري جي سمورن طبقن ۾پنهنجو هڪ اعتبار، وزن ۽ غيرجانبدارانه حيثيت رکندو آهي. ڪجهه سال اڳ تائين عوام وٽ هن اداري جي غيرجانبداري ۽ شفافيت جو تصور اهڙو هو جو عدليه کانپوءِ هن اداري جي تعظيم ڪئي ويندي هئي. ڇوته هن اداري کي عوامي مفاد لاءِ ئي وجود ۾ آندو ويو هو. پر گذريل ڪجهه سالن کان هن آئيني اداري جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ طرح طرح جا شڪ شبهات ظاهر ڪندي ان جي شفافيت بابت سخت مايوسين جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ان جي باوجود ”پبلڪ سروس ڪميشن“ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي داخلي خامين کي دور ڪرڻ تي وس وارن پاران ڪوبه ڌيان نه ڌريو ويو آهي.
چوڻ لاءِ ”پبلڪ سروس ڪميشن“ هڪ اهڙو رياستي ادارو آهي جيڪو مختلف محڪمن ۾ ”گزيٽيڊ آفيسرن“ جي آسامين جي ڀرتيءَ جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. هن اداري جي حسن انتخاب تي ئي هر اداري جي انتظاميه جي هيئت جڙندي آهي. پر جڏهن ”پبلڪ سروس ڪميشن“ جي جهنڊي هيٺان ئي گزيٽيڊ آفيسر جي مقرري اميدوار جي صلاحيت ۽ قابليت بجاءِ ان جي سياسي اثر رسوخ وغيره جي بنياد تي ٿيندي هجي ته پوءِ اسان ڪيئن توقع ڪريون ته ”پبلڪ سروس ڪميشن“ هڪ ديانتدار، امانتدار ادارو آهي؟!
گذريل سال ”پبلڪ سروس ڪميشن بلوچستان“ جي چيئرمين پاران ڪيل ڪرپشن جا ڪلور ميڊيا ذريعي منظر عام تي آيا هئا. گذريل سال ميڊيا لوڪ اڳيان نروار ڪيو هو ته بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين تعليم کاتي ۾ 17 گريڊ جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي 18 مان 3 پوسٽون پنهنجي گهر ۾ پنهنجين ٻن نياڻين ۽ هڪ گهرواريءَ ۾ ورهايون آهن. هن تي اهو پڻ الزام لڳايو ويو هو ته هن ميرٽ جو جنازو ڪڍندي هيڊمسٽريس جي (17 گريڊ جي پوسٽ) 17 لکن ۽ اسٽنٽ ڪمشنر جي پوسٽ 40 لکن ۾ وڪرو ڪئي آهي. چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن بلوچستان خلاف انهن معاملن سبب تن ڏينهن ۾ چيئرمين نيب ايڊمرل (ر) فصيح بخاريءَ پاران انڪوائري پڻ مقرر ڪئي وئي هئي، پر پوءِ جو پتو ئي ناهي ته ان انڪوائريءَ جو ڇا ٿيو؟
ڪجهه عرصي کان ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي حوالي سان پڻ اهي شڪايتون ٿينديون رهنديون هيون ته هتي ديانتداري ۽ حق انصاف جو خون ڪيو پيو وڃي. ۽ مقرريون قابليت جي بنياد تي نه پيون ٿين. ان سلسلي ۾ مهينو ڏيڍ اڳ اخبارن ۾ هڪ خبر رپورٽ ٿي هئي ته هن ئي سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 7 اهڙن اميدوارن کي تحريري امتحان ۾ پاس ڄاڻايو ويو آهي جيڪي امتحان ۾ اپيئر ئي نه ٿيا هئا. ان کانپوءِ گذريل 19 جولاءِ تي هڪ سنڌي اخبار ۾ خطن واري سلسلي اندر منهجي نظر مان هڪ خط گذريو هو جيڪو حيدرآباد کان ”پون ڪمار اوڏ“ پاران لکيو ويو هو. مذڪوره خط ۾ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جا سور سليندي نوجوان لکيو هو ته : ”نوجوانن جي حقن تي راتاهي جي هڪ تاريخ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪُک ۾ سمايل آهي. هي ادارو ميرٽ جي بنيادن تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ جُڙيو هو، پر هن وقت هن اداري جي هر ڪُرسي ڪَرنسي سان کيڏي ٿي. ’مٿين‘ جي آشيرواد تي مقرر هتي جي بيورو ڪريسي هن اداري کي ڪرپشن جي پَنجي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، لَکن جي اگھن ۾ وڪرو ٿيندڙ نوڪريون ڪنهن مسڪين جي اولاد لاءِ نه آهن. هتي اُهي کيڏاري کيڏين ٿا، جن جي ٽِجوڙين ۾ سرمايو ٺيڪ ٺاڪ هجي. اڄ سنڌ جو نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي اعتماد ان ڪري به نٿو رکي ته هتي ميرٽ جو جنازو، هتي مقرر آفيسرن پنهنجي ڪلهي تي رکي قبرستان پهچايو آهي.“
هڪ حساس ليکڪ هجڻ ناتي پون ڪمار جو مٿيون خط مون لاءِ هڪ عظيم صدمي کان گهٽ ڪونه هيو. ڇوته اهو خط پڙهي پهريون ڀيرو مونکي ڏاڍي شدت سان اهو احساس ٿيو هو ته، تڏهن پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ٿي جڏهن هڪ حساس ذهن انسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته گزيٽيڊ سروس لاءِ اسان جنهن اداري تي قابليت جي بنياد تي انتخاب ڪرائڻ جو ڀروسو ڪريون ٿا ان جي اصليت ڇا آهي؟! ظاهري ڳالهه آهي ان طرز عمل سان محنت ۽ صلاحيت جي ٻل تي نوڪري حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اميدوارن جي اميدن کي نانگ ڪکي وڃي ٿو.
مون کان پون ڪمار اوڏ جو خط اڃا وسريو ئي نه هو جو 28 جولاءِ تي وري هڪ اخبار ۾ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي حوالي سان هڪ عدالتي جاچ جي رپوٽ پڙهڻ لاءِ مليم. اها رپورٽ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي اختيارين پاران سال 2003ع جي مقابلي واري امتحان ۾ ڪيل ڪرپشن، بي قائدگين ۽ جعلسازيءَ جي حوالي سان هئي، جيڪا يقينن سمورن سنڌ واسين جي نظر مان گذري هوندي.
28 جولاءِ 2013ع جي اخبارن ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ پاران ڪيل فراڊ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪرايل جاچ جا تفصيل پڌرا ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع واري امتحان ۾ 54 من پسند اميدوارن کي هٿرادو مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو. چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿيل 54 اهل ۽ ميرٽ وارن اميدوارن کي مارڪون گهٽائي فيل ڪرڻ بعد من پسندن کي اڳتي آندو ويو. ڪميشن جي ان وقت جي چيئرمين محمد حسين ڀٽو ۽ ڪنٽرولر عمر زنئور ٻين عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪامورن جو اولاد ۽ سفارشي پاس ڪيا. پاس ٿيل اهل اميدوارن جا نتيجا تبديل ڪرڻ سان گڏ جوابي ڪاپيون ۽ مارڪ شيٽ به بدلايون ويون. ۽ کين فيل ظاهر ڪيو ويو. معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪاميٽيءَ به فراڊ جي تصديق ڪئي. 75 اميدوارن جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي 54 ۾ بدعنواني ظاهر ٿي. هيراڦيري سان پاس ڪيل اميدوارن جي جوابي ڪاپين تي ڪوڙيون صحيون ٿيل مليون. ڪجهه اميدوارن جي مختلف سبجيڪٽن ۾ لکيل هٿ اکرن ۾ فرق جو انڪشاف ٿيو آهي. اميدوارن جون مارڪون گهربل هدف کان وڌيڪ وڌايون ويون. 111 کان 114 مارڪون به ڪاپين تي لکيون ويون. ڪيترن ئي جوابي ڪاپين ۾ اگزامنر جي ڪيل صحين ۾ پڻ فرق ظاهر آهي. جعل سازيءَ ذريعي پاس ڪيلن ۾ ان وقت جي ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ چيئرمين محمد حسن ڀٽو جي پٽ سميت اهم شخصيتن جا مائٽ شامل آهن.
مٿين رام ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ ذهن ۾ اهي سوال ٿا جاڳن ته جن اميدوارن جي سليڪشن رشوت يا سفارش ۽ ٻين طريقن سان ڪئي وئي آهي ڇا عدالتي جاچ اچڻ بعد انهن جون مقرريون منسوخ ڪيون وينديون؟ ڇا مقابلي واري امتحان ۾ اصل پاس ٿيل اميدوارن جون ميرٽ موجب2003ع کان مقرريون ڪيون وينديون؟ ۽ ڇا عدالتي جاچ ۾ قصوروار ثابت ٿيل ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ اهلڪارن کي واقعي ڪا سزا به ڏني ويندي؟ يا اها جاچ به ڪجهه عرصي بعد روايتن موجب فائيلن جي حوالي ٿي ويندي؟
جيڪڏهن ”پبلڪ سروس ڪميشن“ پاران مقابلي واري امتحان ۾ سليڪشن جو اهوئي طريقو هلائڻو آهي ته پوءِ ڇونه نوڪريون کليل بازار ۾ سرِعام نيلام ڪيون وڃن؟ ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ قابليت جي بنياد تي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ جي ڪوڙي اميد جي سهاري جيئندڙ اميدوارن جي اکين اڳيان ”پبلڪ سروس ڪميشن“ جي حقيقي تصوير ته نمايان ٿي وڃي. جنهن کين خودفريبيءَ ۽ خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي.